رضا رباني

رضا رباني

رضا رباني

رضا رباني (سياستدان): مشهور سياسي رهنما ۽ قانوندان، سابق سينيٽ چيئرمئن رضـا ربـانـي، 23 جولاءِ 1953ع تي لاهور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حبيب پبلڪ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1976ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين، جڏهن ته 1981ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري ورتائين. شاگرديءَ جي زماني کان ئي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ سندس ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. شروع کان ئي پيپلز پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مارشل لا جي سخت مخالفت جي الزام هيٺ ڪيترا ڀيرا جيل به ويو آهي. شاگرديءَ جي زماني ۾ ترقي پسند شاگردن جي قومي تنظيم قائم ڪيائين، ۽ 1971ع کان 1974ع تائين ان جو باني رهيو. 1974ع ۾ ڪراچي ۾ آل پاڪستان يوٿ فيسٽيول جو منتظم اعليٰ رهيو. پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر ڪراچيءَ جو اطلاعات سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ورڪنگ ڪميٽي سنڌ جو ميمبر ۽ پيپلز لائرز فورم سنڌ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. 1989ع کان 1990ع تائين سنڌ جي وزير اعليٰ جو صلاحڪار پڻ رهيو.
رضا رباني مختلف موقعن تي بين الاقوامي سطح تي نوجوانن جي وفدن جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي. انساني حقن جي تحفظ جي سلسلي ۾ سندن خدمتن جي مڃتا طور کيس 1986ع ۾ لائرز ڪميٽيءَ طرفان انساني حقن جو اوارڊ ڏنو ويو. 1994ع ۾ ڇهن سالن لاءِ سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو ۽ 1994ع کان 1996ع تائين وٽس قانون ۽ انصاف واري وزارت جو قلمدان رهيو. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي اعتماد وارن ساٿين ۾ رهيو آهي. رضا رباني 2009ع ۾ سنڌ جي جنرل سيٽ تان سينيٽر چونڊيو ويو، تازو مارچ 2012ع ۾ ٿيل سينيٽ چونڊن ۾ ٻيهر ڇهن سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو آهي.
رضا رباني 2008ع کان هن وقت تائين پ. پ حڪومت جي اهم رهنما طور قانونسازي ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. آئين ۾ اصلاح ۽ ارڙهين ترميم واري مسودي جي تياريءَ ۾ رضا ربانيءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. هي پارٽيءَ جي سينئر ۽ سنجيده ميمبرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
هن پرويز مشرف جي دؤر ۾ لاڳو ڪيل ’ليگل فريم ورڪ آرڊر‘ (LFO) جي رد ۾ هڪ ڪتاب ‘LFO: A Fraud on the Constitution’ به لکيون. ان کانسواءِ ڪتاب ‘Blind Justice’ جو ڪنٽريبيوٽر ۽ مختلف وڏين اخبارن جو مضمون نگار به رهيو آهي. پارلياماني معاملن جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو سربراهه آهي. 1994ع کان 1996ع تائين وٽس قانون ۽ انصاف واري وزارت جو قلمدان رهيو.
نوٽ : رضا رباني سينيٽ پاڪستان جو 12 مارچ 2015 کان 11 مارچ 2018 تائين ستون چيئرمئن رهيو،


لفظ رضا ربانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.07.23  عيسوي

مشهور سياسي رهنما ۽ قانوندان، سابق سينيٽ چيئرمئن رضـا ربـانـي، 23 جولاءِ 1953ع تي لاهور ۾ ڄائو.


2015.03.12  عيسوي

رضا رباني سينيٽ پاڪستان جو 12 مارچ 2015 کان 11 مارچ 2018 تائين ستون چيئرمئن رهيو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد حيدر سولنگي
سيد صابن شاهه ڊاڪٽر
سيد حامد نوبهار شاهه
سعيد سميجو
حسين بخش ناريجو
ٿرڙي سنجر ڀٽي
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
اي آر بلوچ
پير آغا عبدالله جان سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون